تازه خبرون

رانديون

November 7, 2021 10:35 pm

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: پاڪستان اسڪاٽلينڊ کي 72 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ کي 72 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم اسڪاٽ لينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان ڪپتان بابر اعظم ۽ شعيب ملڪ جي شاندار بيٽنگ جي بدولت مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون.

190 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ اسڪاٽش ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 117 رنسون ٺاهي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: