رانديون

October 10, 2021 5:49 pm

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: قومي ٽيم اڄ کان ٽريننگ شروع ڪندي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 18 رڪني قومي ٽيم اڄ کان ٽريننگ شروع ڪندي.

قومي ٽيم اڄ کان نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر تي ٽريننگ شروع ڪندي ۽ پوءِ قومي اسڪواڊ 15 آڪٽوبر تي يو اي اي لاءِ روانو ٿيندي.

ٻڌايو پيو وڃي ته قومي ٽيم جي ڪورونا ٽيسٽ ڪالهه منفي آئي آهي، ٻئي طرف قومي ڪرڪيٽر صهيب مقصود کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي آل رائونڊر شعيب ملڪ کي شامل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: