تازه خبرون

رانديون

November 2, 2021 4:04 pm

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان اڄ نميبيا سان مهاڏو اٽڪائيندو

 پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجون چوٿون ميچ اڄ نميبيا جي خلاف کيڏندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ اڄ نميبيا سان مهاڏو اٽڪائيندي. ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي ابو ظهبي ۾ کيڏيو ويندو.

قومي ٽيم ۾ اڄ ٻن تبديلين جو امڪان آهي. عماد وسيم ۽ حسن علي جي جڳهه محمد نواز ۽ وسيم جونيئر ٽيم جو حصو بڻجي سگهن ٿا. گذريل ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم دبئي ۾ آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ پريڪٽس سيشن ڪيو هو. رانديگرن بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي ۽ ڪوچز رانديگرن جي ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. اڄ نميبيا سان ڪاميابي جي صوت ۾ گروپ بي مان قومي ٽيم باضابطه طور تي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي ويندي.

3 ميچ لاڳيتو کٽي قومي ٽيم ڇهن پوائنٽن سان هن وقت گروپ بي ۾ پهرين نمبر تي آهي.

وڌيڪ پڙهو: