پاڪستان

تازه خبرون

October 24, 2021 6:02 pm

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو: شهباز شريف ۽ مريم نواز پاڪستاني ٽيم جي کٽڻ لاءِ پراميد

پاڪ ڀارت وچ ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي مقابلي تي صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز به پرجوش نظر اچي رهيا آهن. هنن به پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

دبئي ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ جي وڏي دنگل تي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته اڄ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ وڏو ميچ ڏسڻ لاءِ ملندو. مان پاڪستاني ٽيم لاءِ دعاگو آهيان انشاءَالله پاڪستاني ٽيم هن دنگل ۾ ڪاميابي ماڻيندي.

جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز به پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم جڏهن ميدان ۾ لهندي ته سموري قوم جا دل هنن سان گڏ ڌڙڪندا. جڏهن ته اسان ڪرڪيٽ ميچ جي حوالي سان سٺي خبر جي انتظار ۾ آهيون. انشاءَالله پاڪستاني ٽيم قوم جي دعائن سان هن ميچ ۾ ڪاميابي ماڻيندي. منهنجون دعائون به پاڪستاني ٽيم سان گڏ آهن.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو اڄ ٿي رهيو آهي جنهن جي لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: