رانديون

October 23, 2021 5:25 pm

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت کيڏندا: شعيب اختر

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

شعيب اختر چيو آهي ته منهنجي ڪيريئر جي ڏينهن ۾ پاڪستان وٽ ڀارت کان وڏا رانديگر هوندا هئا. هاڻ ڀارت وٽ بهترين رانديگر آهن پر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کان بهتر آهي پر پاڪستاني رانديگر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪرڪيٽ کيڏندا. اڳوڻي رانديگر چيو ته ورلڊ ڪپ جي ميچن ۾ ڀارت پاڪستان کان بهتر پريشر هيندل ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏندا.

شعيب اختر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ڀارت کان وڌيڪ نيوزيلينڊ تي ڪاوڙ آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميچ سڀاڻي آچر جي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: