سنڌ

November 3, 2021 12:42 pm

ٽن عورت جوابدارن جي اپيل رد

سنڌ هاءِ ڪورٽ، هڪ سئو ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس رکڻ جي الزام ۾ سزا خلاف ٽن عورت جوابدارن جي اپيل رد ڪندي ماتحت عدالت جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ سئو ڪلو گرام چرس رکڻ جي الزام ۾ سزا خلاف ٽن عورت جوابدارن خديجه، انيس ۽ نازيه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

عدالت عورت جوابدارن جي اپيل رد ڪندي ماتحت عدالت جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو آهي.

حب کان ڪراچي ايندڙ گاڏيءَ جي ڳجهي اطلاع تي جهڙتيءَ دوران هڪ سئو ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ٻين جوابدارن سان گڏ ٽنهي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو هو، ماتحت عدالت کين عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي  هئي..

وڌيڪ پڙهو: