ٽنڊو محمد خان ويجهو روڊ حادثو، ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، هڪ ٻارڙو زخمي،
بلڙي شاهه ڪريم روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا ٿڌي تي فوت ٿي ويا، هڪ ٻارڙو زخمي،
حادثي ۾ جهوڪ شريف واسي فضل ڪٻر، سندس گهرواري حاجاڻي، سندن ٻه ٻارڙا 8 ورهين جي شاهده ۽ 7 ورهين جي ناهيد شامل،
زخمي ٿيل ٽن ورهين جو وحيد ڪٻر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي، ڪار ڊرائيور گرفتار.