بين الاقوامي

October 3, 2021 5:52 pm

ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي فيڊرل جج کي درخواست ڏني آهي جنهن ۾ ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرمپ فلوريڊا جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ ٽوئيٽر جي فيصلي خلاف منع نامي جي حڪم جي اپيل ڪئي آهي.

ٽرمپ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هن جو ٽوئيٽر معطل ڪرڻ لاءِ ڪمپني کي آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن طرفان مجبور ڪيو ويو هو.

درخواست ۾ چيو ويو ته ٽوئيٽر افغانستان ۾ طالبان کي لاڳيتون ڪاميابي جي ٽوئيٽس جي اجازت ڏني آهي پر هن جي صدارتي دور ۾ ئي سندس ٽوئيٽس کي سينسر ڪيو ويو ۽ هن تي غلط اطلاع پکيڙڻ جو الزام لڳايو هو.

رپورٽ موجب اڳوڻي صدر عدالت سان رابطو ڪرڻ تي ٽوئيٽر طرفان رد عمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: