سنڌ

January 16, 2022 3:04 pm

ٻن مهينن کان گيس بند هجڻ سبب گهرن جا چلها ٿڌا ٿي ويا آهن : امتياز شيخ

توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻن مهينن کان گيس بند هجڻ سبب گهرن جا چلها ٿڌا ٿي ويا آهن،

فيڪٽرين کي تالا لڳل آهن پر وفاقي وزير چوي ٿو ته سنڌ کي حصي جي گيس فراهم ڪئي پئي وڃي،

ڪوڙ ۽ غلط بياني وفاقي وزيرن جي عادت بڻجي چڪي آهي، عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جيڪڏهن سنڌ ڪارڊ آهي ته اهو ڪارڊ اسان استعمال ڪندا رهنداسين.

توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي امتياز شيخ چيو ته سنڌ ۾ ٻن مهينن کان گيس بند هجڻ سبب گهرن جا چلها ٿڌا ٿي ويا آهن،

فيڪٽرين کي تالا لڳل آهن پر وفاقي وزير چوي ٿو ته سنڌ کي حصي جي گيس فراهم ڪئي پئي وڃي.

امتياز شيخ چيو ته ، ڪوڙ ۽ غلط بياني وفاقي وزيرن جي عادت بڻجي چڪي آهي، عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جيڪڏهن سنڌ ڪارڊ آهي ته اهو ڪارڊ اسان استعمال ڪندا رهنداسين.

وڌيڪ پڙهو: