شادي لارج ۾ اسڪولي شاگردن سميت ٻن ٻارڙن سان مبينا بدفعلي ڪري وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ٻارڙن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار مينڌرو ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ورتو.
بااثرن جي چوڻ تي ٿاڻي تي جرڳو ڪري جوابدار مينڌرو مل مٿان 70 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
رهواسين الزام هڻندي چيو ته کوسڪي پوليس جوابدار کي ڏوهه کان آجو ڪرڻ لاءِ بدفعلي بدران منشيات جو ڪيس داخل ڪيو آهي.
واضع رهي ته جوابدار ٻارڙن سان بدفعلي بعد بليڪ ميل ڪري پئسا اڳاڙيندو هو..