پاڪستان

تازه خبرون

October 20, 2021 5:15 pm

وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ بلوچستان اسيمبلي ۾ پيش

ڪوئيٽا: بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر مير عبدالقدوس بزنجو جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي وئي.

ميمبر اسيمبلي سردار عبدالرحمان کيتران وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي.

ان موقعي تي عبدالرحمان کيتران چيو ته وڏي وزير جي ناقص حڪمراني سبب مايوسي ، بدامني ، بيروزگاري ، ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي آهي.

عبدالرحمان کيتران چيو ته صلاح مشوري کان سواءِ اهم معاملن کي هلائڻ صوبي کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي ، وڏو وزير ڄام ڪمال خان صوبي جا معاملا پاڻ هلائي رهيو آهي ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته خراب ڪارڪردگي تي کيس عهدي تان هٽايو ويو.

اهو چيو وڃي ٿو ته ڄام ڪمال کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبر به سندس خلاف ٿي ويا آهن ، جڏهن ته ڄام ڪمال واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

وڌيڪ پڙهو: