پاڪستان

سنڌ

November 1, 2021 11:10 am

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف فرد جرم واري ڪارروائي 17 نومبر تائين ملتوي

اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف فرد جرم واري ڪارروائي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

عدالت ٻاهران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آهي ته هوائن جو رخ تبديل ٿي رهيو آهي، رڳو پرويز خٽڪ جو ڀاءُ پيپلزپارٽي ۾ شامل نه پيو ٿئي، گهڻا ئي ماڻهو پ پ ۾ ايندا.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا.

ٻڌڻيءَ دوران جوابدار نياز علي شيخ نيب ترميمي آرڊيننس تحت ريفرنس چئلينج ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪندي فرد جرم واري ڪارروائي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جج اصغر علي جو چوڻ هو ته ٻڌو آهي ته هڪ نئون نيب آرڊيننس به آيو آهي، پرائيوٽ ماڻهن کي احتساب عدالت جي دائري مان ڪڍيو ويو آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هن حڪومت کي گورننس نٿي اچي، ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وارن جي ضمانت ضبط ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته عمران خان کي بورڊ ۾ نوڪري ڏينداسين.

وڏي وزير چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم واري معاملي تي حڪومت جي نااهلي سبب قيمتي حياتين کي نقصان پهتو، حڪومت اهڙا ڪم ڪري ٿي جو نه واپس ڪڍي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڳِهي سگهي ٿي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ويهي ملڪ جي مفاد ۾ سوچڻ کپي.

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي سڏائي ٿي، اليڪشن جهڙي ريت کٽي آهي، اها به سڀني کي خبر آهي، اڳتي جڏهن به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف ضمانتون رد ڪرائيندي..

وڌيڪ پڙهو: