پاڪستان

November 7, 2021 4:04 pm

ووٽ چوري ثابت ٿي چڪي ،هاڻ ڪنهن جو انتطار آهي؟ : شهباز شريف

ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر  اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته ڊسڪا رپورٽ اچي چڪي، هاڻ ڪارروائي ڪئي وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عوام جي موڙي جيان عوام جا ووٽ ۽ پنهنجا نمائندا چونڊڻ  جو اختيار به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ٻڌائي ووٽ چوري ثابت ٿي چڪي ،هاڻ ڪنهن جو انتطار آهي؟.

هن چيو ته عمران نيازي صاحب طاقتور آهي، پاڻ کي قانون حوالي ڪري،نواز شريف جيان وزير اعظم ٿي ڪري قانون کي منهن ڏئي ۽ پيشيون ڀوڳڻ لاءِ دل گردو گهرجي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته عمران نيازي  کي قانون، جمهوريت ۽ سياسي اخلاقيات جو ٿورو احترام  آهي ته ان رپورٽ جي اچڻ کانپوءِ  استعيفا ڏئي ۽ قانون کي منهن ڏئي..

وڌيڪ پڙهو: