ذريعن مطابق نيب ترميمي آرڊيننس جو مسودو صدر عارف علوي ڏانهن اماڻيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت آرڊيننس اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري واري معاملي تي اپوزيشن سان ڪنهن به قسم جي مشاورت نه ڪندس.