پاڪستان

October 24, 2021 12:28 pm

وفاقي وزير فواد چوڌري کي 3 هفتا مهلت ڏيڻ جي درخواست رد

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فواد چوڌري کي 3 هفتا مهلت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن تي الزام ھڻڻ جي وضاحت جي لاءِ ذاتي طور طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي 27 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته فواد چوڌري پاران اليڪشن ڪميشن تي ھنيل الزامن جي وضاحت ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا.

ان کان اڳ هڪ ٻئي وفاقي وزير اعظم سواتي کي به توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ حڪم جاري ڪيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: