پاڪستان

October 27, 2021 12:43 pm

وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي شوڪاز نوٽيس جاري

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن تي ٻڌل بينچ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي  پاران چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزامن کانپوءِ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اعظم سواتي جو وڪيل اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿيو.

وڪيل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته رستا بند هجڻ سبب مشڪل سان پهتو آهيان.

اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو ته هي اعظم سواتي  کي ٻيو نوٽيس آهي، گذريل ڏينهن  پهرين نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

اليڪشن ڪميشن مطابق  اعظم سواتي کي هڪ نوٽيس فواد چوڌري ۽ ٻيو بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس تي موڪليو ويو.

وڌيڪ پڙهو: