پاڪستان

October 10, 2021 1:10 pm

ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪئي ويندي : گهرو وزير شيخ رشيد

وفاقي حڪومت ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي سرڪاري اعزاز سان تدفين جو اعلان ڪيو آهي، گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سوڳ ۾ قومي جهنڊو به جهڪيل رهندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي تدفين بابت سندس ڪٽنب جيڪو به فيصلو ڪندو، ان تي عمل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز ۾ وقتي صدر صادق سنجراڻي، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربندن فوجن جا سربراهه ۽ وفاقي وزير به شرڪت ڪندا..

وڌيڪ پڙهو: