وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو وري سياسي پارٽين جي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي،
وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عدالتي ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن ناهي،
پ پ ۽ ن ليگ وارا ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ٻئي موضوع تي ڳالهائڻ نٿا چاهين،
ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته سياسي پارٽين کيڪرپشن جو شڪار قيادت تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي،
نواز شڙيف هر ڏکئي وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن ۾ پناهه ورتي،
ن ليگ پاڻ کي شريف ڪٽنب کان ڌار ڪري ٿي ته اها هڪ مثبت اڳڀرائي هوندي.