پاڪستان

تازه خبرون

October 24, 2021 11:40 am

وفاقي حڪومت پاران بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي دعويٰ

وفاقي حڪومت بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي دعويٰ  ڪري ڇڏي آهي،  گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سمورا بند پيل رستا کوليا ويندا، بندش پيل تنظيم  جا ڪارڪن اڱاري تائين مريدڪي ۾ ويٺل رهندا.

جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته  مظاهرين جي مطالبن جو جائزو وٺي اڱاري تائين پر امن حل ڪڍيو ويندو.

ٻئي طرف ڳالهين ۾ شريڪ مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڪو به ٽڪراءُ ناهي.

هن چيو ته معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو،  حڪومت سان ڳالهين کانپوءِ لاهور کان اسلام آباد طرف وڌندڙ بندش پيل تنظيم جو مارچ مريدڪي ۾ ترسيل رهندو.

ٻئي پاسي گوجرانوالا جا ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا ۽  جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽي رنڊڪون وڌيون ويون.

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا،جڏهن ته  لاهور جي ڪجهه علائقن ۾ موبائيل فون جي سروس جزوي طور معطل آهي.

بندش وڌل تنظيم جو امڪاني مارچ کي پنڊي ۽ اسلام آباد ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس مختلف چوڪن کي چئني طرفن کان بند ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس  مريڙ چوڪ کي بند ڪري ڇڏيو،چاندني چوڪ به ڪنٽينر  لڳائي سيل ڪيو ويو.

لياقت روڊ گوالمنڊي  چوڪ  تي هوٽل، تندور، جنرل اسٽور سميت سمورا دوڪان بند ڪرايا ويا،دوڪاندارن جو چوڻ آهي ته غريب ڏهاڙي تي ڪم ڪندر پورهيت پريشان آهن، پوليس دوڪان بند رکڻ جو حڪم ڏنو آهي..

وڌيڪ پڙهو: