وفاقي حڪومت مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ مالي سال 21-2022 جي پهرين ٽه ماهي(جولاءِ کان سيپٽمبر) جي دوران گڏيل طور تي 3 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جو قرض کڻي ورتو آهي.
اقتصادي معاملن واري ڊويزن قرضن بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 مهينن(پهرين جولاءِ کان 30 سيپٽمبر) تائين پاڪستان کي 17 ارب روپين جي گرانٽس ملي آهي. حڪومت گڏيل معاهدن جي تحت 7 ڪروڙ 69 لک ڊالر ۽ ملٽي ليٽرل مالي ادارن مان هڪ ارب 56 ڪروڙ ڊالر قرض کنيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت ڪمرشل بينڪن مان 45 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جو قرض حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته حڪومت کي مختلف ملڪن ۽ ملٽي ليٽرل ادارن مان 19 ڪروڙ ڊالرن جي گرانٽس ملي آهي.
جولاءِ کان سيپٽمبر تائين چين کان 7 ڪروڙ 33 لک ڊالر قرض مليو. جڏهن ته آمريڪا کان پاڪستان کي 3 مهينن دوران 3 ڪروڙ 72 لک ڊالر قرض مليو آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 45 ڪروڙ 99 لک ڊالر قرض ڏنو آهي.