مختلف وفاقي ادارن جي برطرف ملازمن پاران ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري ڏانهن مارچ جي ڪوشش، پوليس لٺبازي ڪري کين روڪي ورتو،
عدالتي حڪم تي سوئي گيس، آءِ بي ، پي ايس او ۽ ٻين وفاقي ادارن مان برطرف ڪيل ملازمن بحالي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج بعد سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين سنڌ اسيمبلي چوڪ وٽ روڪي ورتو،
مظاهرين تي لٺبازي سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال، برطرف ملازمن هر حال ۾ اڳتي وڌڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو چيف جسٽس کي بحال ڪرڻ جي اپيل لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، پوليس پاران ملازمن کي ريڊ زون ۾ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار..