وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي،
اجلاس جي حوالي سان 14 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.
ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، او آءِ سي اجلاس جي باري ۾ اعتماد ۾ ورتو ويندو.
اجلاس ۾ وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ ڊيلي ويجز ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.
اجلاس ۾ پرڏيهي قرض ۽ وياج جي ادائيگي ۾ ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري ڏني ويندي.
وفاقي ڪابينا ڪونسل آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس لاءِ نالن جي منظوري ڏيندي ۽ نيشنل ڪميشن فار چائلڊ ۾ ڪي پي ميمبر جي مقرري ڪئي ويندي..