پاڪستان

November 2, 2021 11:03 am

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اڄ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

اجلاس ۾  بندش وڌل تنظيم  سان ڳالهين ۽ حڪمت عملي بابت ڪابينا جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

وزيراعظم لانگ مارچ ۽ مطالبن بابت موقف ڪابينا جي اڳيان رکندو،ڪامرس، سڌ سماءَ جي شعبن ۾ خالي جاين بابت  بريفنگ  ڏني ويندي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ جنرل پاور جنريشن ڪمپني ، گڊو جي چيف ايگزيڪٽو جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي.

اجلاس ۾ گهرن جي اڏاوت بابت 1973 جي رولز آف بزنس ۾ ترميم  جي منظوري ڏني ويندي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ فيسڪو جي چيف ايگزيڪٽو جي مقرري به منظوري ڏني ويندي.

ڪابينا  کي هلندڙ مالي سال  جي پهرين ٽه ماهي جي معاشي ڪاٿن  بابت بريفنگ ڏني ويندي،شجاع الحسن کي سي اي او اسٽيل ملز جي ٻيهر مقرري  جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي..

وڌيڪ پڙهو: