وفاقي حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ڪارڪنن کي جي ٽي روڊ تي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي ٽي ايل پي جي احتجاجي مارچ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته احتجاج ڪندڙن کي جهلم کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويندو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته جهلم پل تي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پابندي مڙهيل تنظيم جا غير قانوني مطالبا نه مڃڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته وفاقي ڪابينا به رياستي رٽ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.