پاڪستان

November 1, 2021 11:18 am

وزيراعظم مختلف قومي معاملن تي ڪور ڪميٽي کي اعتماد ۾ وٺندو

وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس اڄ سڏائي ورتو، پابندي مڙهيل تنظيم سان ٿيل معاهدي سميت ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس اڄ سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ تنظيمي معاملن بابت آگاهي ڏني ويندي.

اجلاس دوران مڪاني ادارن جي تيارين تي ڪور ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو.

ڪور ڪميٽي کي پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدي تي به بريفنگ ڏني ويندي، وزيراعظم مختلف قومي معاملن تي ڪور ڪميٽي کي اعتماد ۾ وٺندو..

وڌيڪ پڙهو: