پاڪستان

December 12, 2021 1:13 pm

وزيراعظم عمران خان پاران گوادر ۾ مهاڻن جي جائز مطالبن جو نوٽيس

وزير اعظم عمران خان گوادر کي حق ڏيو، تحريڪ جي ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي مهاڻن جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته ٽرالرز ذريعي غير قانوني ماهيگيري خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو،

غير قانوني ٽرالرز ذريعي مڇيءَ جي شڪار واري معاملي تي بلوچستان جَي وڏي وزير سان ڳالهايو ويندو.

ياد رهي ته گوادر کي حق ڏيو جي نالي سان مهاڻن جي تحريڪ جاري آهي، مهاڻا 28 ڏينهن کان گوادر ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهن،

جنهن ۾ نه صرف گوادر پر مڪران ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ آهن.

مطالبن جي مڃتا لاءِ عورتن به بلوچستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ريلي به ڪڍي هئي..

وڌيڪ پڙهو: