بين الاقوامي

January 30, 2022 2:55 pm

وزيراعظم عمران خان پاران ڪينيڊين هم منصب جسٽن ٽـُروڊو جي اسلامو فوبيا جـِي نـِندا ڪرڻ وارَي بيان جي آجيان

وزيراعظم عمران خان  ڪينيڊين هم منصب جسٽن ٽـُروڊو جي اسلامو فوبيا جـِي نـِندا ڪرڻ وارَي بيان جي آجيان ڪري ڇڏي.

سوشل ميڊيا تي  ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪينيڊا جي وزير اعظم پاران  اسلامو فوبيا جو راڳ الاپيندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.

هن چيو ته اسلامو فوبيا جي حامين کي جواب  ڏيڻ لاءِ  خاص نمائندو مقرر ڪرڻ  جو  به آڌرڀاءَ  ڪريون ٿا.

عمران خان چيو ته  مون گهڻو عرصو اڳ  اسلامو فوبيا واري لعنت  خلاف قدم کڻڻ  تي زور ڀريو هو.

هن چيو ته  مون اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڪيترائي دليل پڻ ڏنا هئا، اسلامو فوبيا جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ  سموري دنيا کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو..

وڌيڪ پڙهو: