پاڪستان

تازه خبرون

October 25, 2021 6:08 pm

وزيراعظم عمران خان پاران ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن جي خواهش ظاهر

وزيراعظم عمران خان ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسين ڀارت سان ڪرڪيٽ کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ ڀارت سٺن پاڙيسري ملڪن جيان اڳتي وڌي سگهن ٿا.

سعودي عرب ۾ واپار واري وزارت جي سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽِي-ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف تاريخي سوڀ ماڻي آهي، اسين ڀارت سان ڪرڪيٽ کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سٺن پاڙيسري ملڪن جيان اڳتي وڌي سگهن ٿا، پاڪستان، ڀارت سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏئي، جڏهن ته سعودي عرب ۽ پاڪستان ڏکئي وقت جا دوست آهن.

وڌيڪ پڙهو: