وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قانون ۽ عدالت جَي احترام ۾ پيش ٿيو، چئن هفتن اندر رپورٽ تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي وقت ن ليگ جي حڪومت هئي، اسان وٽ موقعو هيو ته سمورو ملبو ان وقت جي وفاقي گهرو وزير تي وجهون ها، پر ان جي ابتڙ رستو اختيار ڪيو ويو.
هن چيو ته سموريون سياسي پارٽيون اي پي ايس سانحي تي گڏ ٿيون،پي ٽي آءِ جو ٽن سالن جو پرامن دور رهيو، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ اسان جون زندگيون معمول تي آهن،پاڪستان مان دهشتگردي کي ختم ڪيو ويو آهي.
فواد چوڌري چيو ته انٽيليجنس ناڪامي هر ملڪ ۾ ٿيندي آهي، هي ناڪامي نائين اليون سانحي ۾ به ٿي، ست بمبار وائيٽ هائوس ٻاهران ٽن مهينن تائين رهيا،پر ڪنهن کي به خبر نه پئي.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عدالت چئن هفتن جو وقت ڏنو آهي، وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته جيڪو به ذميوار هوندو ان کي وائکو ڪيو ويندو، وزيراعظم جي پيش ٿيڻ سان گيم شروع ناهي ٿي، عمران خان 5 سال پورا ڪندو.
هن چيو ته جيڪي ذميوار هوندا، انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، عدالت حڪم ڏئي ته نوازشريف کي واپس گهرائڻ لاءِ دستاويز تيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون..