وزيراعظم عمران خان اڄ سينيئر وزيرن ۽ اتحادين جا اجلاس طلب ڪري ورتا آهن، اتحادين کي قانونسازي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويندو.
وزيراعظم عمران خان اڄ شام سينيئر وزيرن جو اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويندو.
وزيراعظم عمران خان مهانگائيءَ تي وزيرن کي بريفنگ ڏيندو ۽ گائيڊ لائين به جاري ڪندو.
وزيراعظم عمران خان اڄ اتحادي پارٽين جو به اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ سندن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سميت ٻيا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي..