تازه خبرون

April 2, 2022 6:50 pm

وزيراعظم عمران خان سان اٽارني جنرل خالد جاويد  ملاقات

وزيراعظم عمران خان سان اٽارني جنرل خالد جاويد  ملاقات  ڪري بي اعتمادي رٿ ۽ ٻين قانوني معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

ذريعن موجب پي ايم آفيس ۾ٿيل ملاقات دوران اٽارني جنرل، وزيراعظم کي تجويز ڏني ته حڪومت ڪو به غير آئيني ۽ غير قانوني قدم نه کڻي، بي اعتمادي رٿ کي وڌيڪ لٽڪائي نٿو سگهجي.

ذريعن موجب خالد جاويد چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان نٿا روڪي نٿو سگهجي.

واضح رهي ته ان کان اڳ قانوني ٽيم عمران خان کي آگاهه ڪري چڪي آهي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هو وزيراعظم جي عهدي تي نه ٿو رهي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: