پاڪستان

October 22, 2021 11:06 am

وزيراعظم عمران خان اڄ لاهور جو دورو ڪندو

وزيراعظم عمران خان اڄ لاهور جو دورو ڪري گورنر چوڌري سرور ۽ وڏي وزير عثمان بوزدار سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندو.

وڏو وزير عثمان بوزدار، وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ سياسي معاملن بابت بريفنگ ڏيندو.

گورنر چوڌري محمد سرور پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪري جي ايس پي پلس جي معاملي تي پنهنجي دوري يورپ بابت بريفنگ ڏيندو.

وزيراعظم لاهور جي ننڍي چونڊ بابت پارٽي جي سينيئر قيادت سان صلاح مشورو پڻ ڪندو.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۽ مڪاني چونڊن ڪرائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ احساس پروگرام بابت اجلاس ٿيندو،جنهن ۾ نئين حڪمت عملي جوڙي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: