وزيراعظم عمران خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن ڏياري جي موقعي تي هندو ڀائرن کي مبارڪباد ڏني آهي. تفصيل موجب پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هندو برادري پنهنجو سڀني کان وڏو مذهبي ڏڻ ڏياري اڄ ملهائي رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ڏياري جي ڏڻ تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري کي مبارڪباد ڏيندي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڏياري جي موقعي تي هندو ڀائرن جي خوشين ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون. هڪ ٻئي جي خوشين ۾ شرڪت سان ڀائيچاري کي هٿي ملندي آهي. عثمان بزدار چيو ته اقليتن جي حقن جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڏياري تي جاري ڪيل پيغام ۾ هندو برادري کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏياري جي تهوار تي اسان هندو ڀائرن سان گڏ آهيون. ڏياري جو پيغام آهي ته برائي ڪيتري به طاقتور ڇو نه هجي شڪست ان جو مقدر آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ناانصافين جي خلاف وڙهڻ پ پ جو فلسفو آهي. پ پ اقليتي برادري لاءِ قدم کنيا. پ پ جي ايندڙ حڪومت اقليتن جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.
ڏياري جي حوالي سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هندو برادري ماضي ۾ ڪراچي جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هندو برادري مذهبي ڏڻ تي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ به دعا ڪري.