سنڌ

November 20, 2021 4:13 pm

وزيراعظم سان ٽن سالن ۾ ٻه ٽي ملاقاتن کانسواءِ ڪا مشاورت نه ٿي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ جي انتظامي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ٻاهرين ملڪن کي ته فائدو پهچائي ٿي پر پنهنجي آبادگارن کي نه، اسان سنڌ جي هارين جي فائدي لاءِ قدم کنيا آهن، ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ چاهيون ٿا، ٻارڻ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي، تنهن ڪري ايندڙ مالي سال لاءِ ڪڻڪ جي قيمت 2200 رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي.

هن چيو ته آفيسرن جي معاملي تي وفاقي حڪومت سان مشاورت ضروري هئي، وفاقي حڪومت کي پنهنجو ڪم ناهي ڪرڻو، سڀ ڪم خوابن ۾ ٿي رهيا آهن، وزيراعظم سان ٽن سالن ۾ ٻه ٽي ملاقاتن کانسواءِ ڪا مشاورت نه ٿي، وزيراعظم بني گالا کان هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي اچڻ ۽ شام 6 وڳي واپس گهر وڃڻ کانسواءِ سمورا اختيار ڪنهن ٻئي کي ڏنا آهن.

سندس چوڻ هو ته اسان وٽ هن وقت 48 آفيسرن جي کوٽ آهي، سنڌ ۾ فيڊريشن کان 21 هين گريڊ جا 16 آفيسر گهرجن، مان عدالت ۾ چيو هو ته آفيسرن جي کوٽ آهي، اٽارني جنرل عدالت کي موقف ڏنو ته وڏي وزير مون کي ٻڌايو ئي نه.

مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا سنڌ وفاق جي آفيسرن کي روڪيو آهي، واضح طور چوان ٿو ته اهي وفاق جا نه فيڊريشن جا آفيسر آهن، فيڊريشن ۾ چارئي صوبا ايندا آهن، وفاق سنڌ کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ چاهي ٿو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، وڙهڻو آهي ته سنڌ ڪابينا سان وڙهو، انهن آفيسرن کي خط لکي تنگ نه ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: