ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي چيئيرمن بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمت عملي سان ئي عوام کي مشڪلاتن مان نجات ملندو ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ نه آڻڻ عوام سان منافقت آهي.
اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن سندس ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.
شازيا مري چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙمھانگائي۽ بيروزگاري ڪارڻ غريب ماڻهن لاءِ زندگي گذارڻ عذاب بڻيل آهي، جڏهن ته نيازي حڪومت ۾ انساني زندگيون خطري ۾ آهن. ھن چيو ته ملڪ جي معيشت تباهه آهي، پرڏيهي معاملا برباد ۽ اندروني معاملا تماشو بڻجي ويا آهن.