پاڪستان

تازه خبرون

October 26, 2021 6:02 pm

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس: پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي خلاف حڪمت عملي تي غور

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج ۽ واپارين طرفان اعلانيل ڌرڻي جي خلاف حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، گهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهين تي بريفنگ ڏني وئي. پابندي مڙهيل تنظيم جي مطالبن ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو.

ان کان علاوه وزيراعظم کي واپاين جي احتجاج بابت به آگاهه ڪيو ويو. واضح رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جا ڪارڪن حڪومت سان ڪيل معاهدي جي تحت هن وقت مريدڪي ۾ موجود آهن. حڪومت طئي ڪيل معاملن تي اربع تائين عمل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو هو. ٻئي طرف واپارين به پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: