تازه خبرون

رانديون

November 3, 2021 10:52 pm

ورلڊ ٽي 20: ڀارت سيمي فائنل کان ٻاهر ٿيڻ کان بچي ويو، افغانستان کي شڪست

آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ سپر 12 اسٽيج جي گروپ 12 جي ميچ ۾ ڀارت افغانستان کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 66 رنسن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ايونٽ کٽي ورتو.

ڀارت طرفان ڏنل 211 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ افغانستان مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪريم جنت 42 ۽ ڪپتان محمد نبي 35 رنسون ٺاهيون.

ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت افغانستان جي پهرين بيٽنگ جي دعوت تي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون، اهو موجوده ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي.

اڄوڪي ميچ ۾ ڀارت 2 جڏهن ته افغانستان هڪ تبديلي ڪئي.

ڀارتي اسپنر روي ايشوان جي 4 سال 4 مهينن کانپوءِ ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي.

وڌيڪ پڙهو: