رانديون

November 4, 2021 10:34 pm

ورلڊ ٽي 20: پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ آسٽريليا سان مقابلو ٿيڻ جو امڪان

گڏيل عرب امارتن ۾ جاري آءِ سي سي مردن جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ لاءِ جنگ جاري آهي.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ 6 ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته هر گروپ ۾ شامل ٽيمون 5 ميچون کيڏنديون ۽ ٽاپ 2 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.

گروپ 1 جي ٽاپ ٽيم گروپ 2 جي ٻئي نمبر واري ٽيم سان کيڏندي جڏهن ته گروپ 1 جي ٻي ٽيم سيمي فائنل ۾ گروپ 2 جي ٽاپ ٽيم سان کيڏندي.

پاڪستان لڳاتار 4 ميچون کٽي گروپ 2 ۾ ٽاپ تي آهي، جڏهن ته سندس ايندڙ ميچ 7 نومبر تي اسڪاٽ لينڊ خلاف آهي، پر اها ميچ پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان جي پوزيشن تي اثرانداز نه ٿيندي.

پاڪستان گروپ 2 ۾ پهرين نمبر تي رهڻ سبب 11 نومبر تي دبئي ۾ سيمي فائنل کيڏندو. بهرحال سوال اهو آهي ته پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڪهڙي ٽيم کي منهن ڏئي سگهي ٿو؟

وڌيڪ امڪان آهي ته سيمي فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو.

وڌيڪ پڙهو: