رانديون

November 10, 2021 10:43 pm

ورلڊ ٽي 20: نيوزيلينڊ انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي ۽ 2019 ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شڪست جو بدلو به ورتو.

نيوزيلينڊ انگلينڊ خلاف پهرئين سيمي فائنل ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 167 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.

انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون. ڊيوڊ ملان 41 ۽ معين علي 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيمي فائنل ميچ هڪ موقعي تي سنسني خیز مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي هئي. نيوزيلينڊ 167 رنسن جي تعاقب ۾ 18 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون ۽ 12 بالن تي وڌيڪ 20 رنسون گهربل هيون پر نيوزيلينڊ هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

انگلينڊ جي ڪپتان اوون مورگن چيو ته جيڪڏهن هو ٽاس کٽي ها ته بالنگ جو فيصلو ڪري ها. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٽاس سبب ميچ جو فيصلو نه ٿيندو.

انگلش ٽيم جو جيسن راءِ زخمي ٿيڻ سبب ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي جيمز وينس کي شامل ڪيو ويو آهي.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي هن وقت تائين کيڏيل ميچن ۾ انگلينڊ جو وزن نيوزيلينڊ خلاف تمام گهڻو آهي، ٻئي ٽيمون 5 ڀيرا آمهون سامهون ٿي چڪيون آهن، انگلينڊ 3 ڀيرا ۽ ڪيويز 2 ڀيرا ميدان ۾ لهي آيو آهي.

انگلينڊ، ون ڊي ڪرڪيٽ جي عالمي چيمپيئن ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي حڪمران نيوزيلينڊ هاڻي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون آهن.

ايونٽ جو ٻيو سيمي فائنل 11 نومبر تي دبئي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندو، جڏهن ته فائنل 14 نومبر تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو.

 

وڌيڪ پڙهو: