رانديون

October 27, 2021 8:35 pm

ورلڊ ٽي 20: انگلينڊ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 اسٽيج جي گروپ 1 ۾ انگلينڊ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديش پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهيون.

بنگال ٽائيگرز طرفان مشفيق الرحيم 29، نسيم احمد ۽ محمود الله 19 رنسون ٺاهيون.

انگلينڊ طرفان ٽائم ملز 3 جڏهن ته معين علي ۽ ليونگسٽن 2-2 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ انگلينڊ 125 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 15 هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

انگلينڊ لاءِ جيسن راءِ 61 رنسن جي اننگز کيڏي، جوز بٽلر 18 رنسون ٺاهي آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملان 28 رنسون ۽ جاني بيئرسٽو 8 رنسون ٺاهي آئوٽ رهيا.

بنگلاديش طرفان شريف الاسلام ۽ نسيم احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ياد رهي ته بنگلاديش پنهنجي پهرين ميچ هارائي چڪو آهي.

وڌيڪ پڙهو: