پاڪستان

October 28, 2021 11:55 am

هڪ ڏينهن اندر ڪرونا وائرس جا 706 نوان ڪيس ظاهر

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر جاري آهي،جنهن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 9 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق هڪ ڏينهن اندر 706 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

اين سي او سي مطابق هيل تائين ڪرونا وائرس سبب حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 28 هزار 414 ٿي ويو.

اين سي او سي جي پورٽل جي رپورٽ مطابق هيل تائين متاثرن جو انگ وڌي 12 لک 71 هزار 28 ٿي ويو.

رپورٽس موجب گذريل ڏينهن 49 هزار 486 ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته مثبت ڪيسز جِي شرح هڪ ڏهائي چار ٻه سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي..

وڌيڪ پڙهو: