سنڌ

November 3, 2021 12:37 pm

هڪ عورت سميت چوري ڪندڙ گروهه جا 9 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ اي وي ايل سي ڪارروائي ڪري هڪ عورت سميت ڪار، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا چوري ڪندڙ گروهه جا 9 جوابدار گرفتار ڪري ورتا، ناظم آباد ۾ شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ بعد مددگار ون فائيو حوالي ڪري ڇڏيو.

اي وي ايل سي موجب ڪاررواين دوران گرفتار جوابدارن ۾ فريد، آصف، بشير، ارسلان، علي شير، شاهد فريد، ارشد، ارشاد حسين ۽ مسمات اقصيٰ کي گرفتار ڪيو ويو.

اي وي ايل سي موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪارون، 2 رڪشا، موٽر سائيڪلون ۽ 11 سئو گرام کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو ويو.

ٻئي طرف نارٿ ناظم آباد ۾ شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ بعد مددگار ون فائيو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول ۽ 11 رائونڊ به هٿ ڪيا ويا..

وڌيڪ پڙهو: