پاڪستان

December 21, 2021 3:01 pm

هي پهرين حڪومت آهي جيڪا لاڳاتار چونڊن ۾ هارائي رهي آهي : مريم نواز

ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عمران خان وٽ هاڻ به موقعو آهي ته هو استعيفا ڏئي ڇڏي،

پي ٽي آءِ  کي لاهور خانيوال، پشاور ۽ ڪي پي ڪي جي هر ضلعي ۾ شرمناڪ مات ملي آهي.

اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هي پهرين حڪومت آهي جيڪا لاڳاتار چونڊن ۾ هارائي رهي آهي.

هڪ سوال تي مريم نواز چيو ته شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي پر وزير اعظم جي اميدوار جي فيصلي جو اختيار نواز شريف وٽ آهي.

ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ڪي پي ڪي ۾ سوڀ تي مبارڪون ڏيان ٿي،

پنهنجي پارٽي جي عهديدار کي چيو آهي ته ڪي پي ۾ خاص ڌيان جي ضرورت آهي.

هن چيو ته نوازشريف ڏيهه ورڻ  لاءِ بي چين آهي،ڪي پي مڪاني چونڊن جو نتيجو پي ٽي آءِ  جي اڻپوري ڪارڪردگي آهي.

مريم نواز چيو ته مون سميت سڀ چاهيون ٿا ته نواز شريف ڏيهه وري، پاڪستان، نواز شريف جو پنهنجو ملڪ آهي، اهو ضرور واپس ورندو.

مريم نواز ياد ڏياريو ته پرويز مشرف به چيو هو ته نوازشريف تاريخ بڻجي چڪو آهي، پرويز مشرف پاڻ ڏٺو ته نوازشريف ٽيون ڀيرو وزير اعظم چونڊجي ويو،

پرويز مشرف لاءِ هي وڏي سزا آهي ته ان کي هڪ آمر طور ياد رکيو وڃي ٿو..

وڌيڪ پڙهو: