پاڪستان

January 31, 2022 12:47 pm

هي سڀاڻي چوندا ته اسان کي حڪومت ڪرڻ لاءِ ملڪ سٺو نه مليو : سينيٽر شيري رحمان

پ پ سينيٽر شيري رحمان ڪي پي جي گورنر کان صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ بابت بيان تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گورنر تحريڪ انصاف جو نه پر پارلياماني ۽ آئيني عهدو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ ثابت ڪرڻ ۾ رڌل آهي ته نظام سٺو نه مليو، هي سڀاڻي چوندا ته اسان کي حڪومت ڪرڻ لاءِ ملڪ سٺو نه مليو.

هن چيو ته حڪومت پنهنجي ناڪامي۽ نااهلي جو ملبو پارلياماني نظام تي وجهي آجي نٿي ٿي سگهي.

شيري رحمان وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي گورنر جي صدارتي نظام بابت بيان تي وضاحت ڏئي..

وڌيڪ پڙهو: