وزيراعظم عمران خان جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ مشرق وسطيٰ بابت خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ملڪ ۾ خوبصورت مردن جي گهٽتائي ناهي پر اشتهارن ۾ عورتون شامل آهن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر اشرفي چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ سان معاملو بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو.
هن چيو ته هو پابندي مڙهيل تنظيم سان جهيڙي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي بلند درجات لاءِ دعاگو آهن پر معاملو حل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي آهي.
طاهر اشرفي چيو ته جنسي ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪڏهن 10 ريپ ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ خوبصورت مردن جي گهٽتائي ناهي پر اشتهارن ۾ عورتن کي به شامل ڪيو ويندو آهي ان ڪري پيمرا ۽ پي ٽي اي سان رجوع ڪنداسين.
طاهر اشرفي چيو ته 20 فيبروري تي اسلام آباد ۾ پيغام امن ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ امام ڪعبه، فلسطين جي قاضي القضاة سميت 5 هزار عالم شرڪت ڪندا.