سنڌ

November 25, 2021 12:16 pm

هندو نياڻي نمرتا وارو ڪيس به لڙهي ويو، تعليمي ادارن ۾ اهڙا واقعا ٿيندا ته پوءِ ڪير پنهنجن ٻارن کي پڙهائيندو؟

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان شاگردياڻي نوشين شاهه جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو اڻڄاتل مدي تائين بند ڪئي وئي آهي،

انتظاميه يونيورسٽيز جون هاسٽلز سيل ڪري شاگردن کي فوري طور هاسٽلز خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، يونيورسٽي ۾ رٿيل سمورا امتحان به ملتوي ڪيا ويا،

استاد بخاريءَ جي ڏوهٽي ميڊيڪل جي چوٿين سال جي شاگردياڻي نوشين شاهه جو لاش ڦاهو لڳل لاش گذريل ڏينهن گرلس هاسٽل جي ڪمري مان مليو هو.

ڪاليج انتظاميه شاگردياڻي جي آپگهات ڪرڻ واري موقف تي قائم، جڏهن ته وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي

نوشين جي والد سيد هدايت علي شاهه ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي نياڻي آپگهات ناهي ڪيو، معاملي جي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ،

نوشين شاهه ذهين هئي، خوش رهندي هئي، پڙهائي سان سندس شوق هو.

هن چيو ته آپگهات جو ڪو ڪارڻ ئي نه هو، هندو نياڻي نمرتا وارو ڪيس به لڙهي ويو، تعليمي ادارن ۾ اهڙا واقعا ٿيندا ته پوءِ ڪير پنهنجن ٻارن کي پڙهائيندو؟.

نوشين جي والد مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليمي ادارن ۾ هڙا انتظام ڪري جيئن اهڙا واقعا پيش نه اچن..

وڌيڪ پڙهو: