سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته مهانگائي رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي،
اپوزيشن اجايو واويلا مچائي رهي آهي پاڪستان ۾ گهٽ مهانگائي آهي، وزيراعظم ۽ پاڪ فوج هڪ پيج تي آهن.
ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ فرنيچر نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي ڀيٽ ۾ مهانگائي گهٽ آهي، اپوزيشن اجايو واويلا مچائي رهي آهي.
گورنر عمران اسماعيل چيو ته وڏي وزير کي خط لکي چوندس ته گدامن ۾ پيل ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آندي وڃي ۽ سنڌ حڪومت نسلا ٽاور جي رهواسين کي معاوضو ادا ڪري .