پاڪستان

تازه خبرون

November 15, 2021 5:02 pm

ن ليگ رانا شميم جي انڪشافن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ ن اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان رانا شميم جي انڪشافن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خواجه آصف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رانا شميم بنا ڪنهن دٻاءُ جي حلفيه بيان ڏنو آهي. هن چيو ته نوازشريف کي نااهل ڪري سياست کان ڌار ڪيو ويو. ثاقب نثار ۽ رانا شميت سميت ٽن ڄڻن کي حقيقت جي خبر آهي پر هاڻ ملڪ جي عوام کي به سچ جي خبر پوڻ گهرجي. اليڪشن جي عمل ۾ مداخلت ڪئي وڃي ته ڇا اسان کي پڇڻ جو حق به نه آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن ملڪ جو چيف جسٽس ملوث هجي ته انصاف ڪٿان کان ملندو؟ دعا آهي ته هن معاملي ۾ ثاقب نثار ملوث نه هجي. ملڪ جي نظام ۾ غير آئيني مداخلت ٿي رهي آهي. ثاقب نثار اسپتالن جا دورا ڪيا، ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان کي رانا شميم جي بيان تي يقين ڪرڻو پوندو. هن چيو ته رانا شميم اهو بيان لنڊن ۾ هڪ اوٿ ڪمشنر جي سامهون ڏنو. جيڪو 2019 ۾ ٿيو اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته جولاءِ 2018ع ۾ رانا شميم چيف جج گلگت بلتستان هو جيڪو بيان ڏنو ويو اهو پاڪستان جي عوام جي سامهون آهي. رانا شميم ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته کيس سخت سزا ڏني وڃي. جيڪڏهن رانا شميم سچ ڳالهائي رهيو آهي ته ثاقب نثار جي جڳهه جيل آهي.

ن ليگ اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن نوازشريف جيل وڃي سگهي ٿو ته ثاقب نثار به جيل وڃي سگهي ٿو. فيصلن ۾ لکيو ويو آهي ته نوازشريف جي خلاف ڪرپشن جو ڪوبه ثبوت ناهي. ڪنهن ثاقب نثار کي اهو اختيار ڏنو آهي ته اهو عدالتي معاملا ۽ اليڪشن ۾ مداخلت ڪري. شاهد خاقان عباسي عدالت ۾ ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عدليه جي ڪنڊڪٽ تي آڱر کنئي پئي وڃي.
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو ته جڏهن اهڙي قسم جا اليڪشن ٿيندا ته اهڙيون ئي اسميبليون ملنديون. سامهون اچي ويو آهي ته عدليه ڪمپرومائز ٿيندي آهي. خواجه آصف رانا شميم جي انڪشافن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان قانوني ڪارروائي لاءِ به صلاح مشورا ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: