پاڪستان

تازه خبرون

October 28, 2021 8:00 pm

نڪاح لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي ناهي: وفاقي شريعت ڪورٽ

اسلام آباد: وفاقي شريعت ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته نڪاح لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي ناهي.

وفاقي شريعت ڪورٽ موجب ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، نڪاح لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي ناهي، اسلامي رياست ۾ نڪاح لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ اسلام جي خلاف ناهي.

عدالت ٻارن، ٻارڙين جي نڪاح جي عمر جي حد مقرر ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي کانپوءِ خارج ڪري ڇڏي.

چائلڊ ميرج ايڪٽ 1929 ۾ نڪاح جي عمر جي حد مقرر ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ نڪاح جي گهٽ کان گهٽ عمر 18 سال، جڏهن ته باقي سڄي ملڪ ۾ 16 سال آهي.

وڌيڪ پڙهو: