تازه خبرون

رانديون

October 26, 2021 11:00 pm

نيوزيلينڊ جي شڪست تي گرائونڊ تي ’سيڪيورٽي سيڪيورٽي‘ جا نعرا بلند

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 اسٽيج جي ميچ ۾ پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ کي شڪست کانپوءِ گرائونڊ تي سيڪيورٽي جا نعرا هنيا ويا.

پاڪستان نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. شڪست کان پوءِ گرائونڊ تي موجود تماشائن نيوزيلينڊ جي توهين ڪئي ۽ ”سيڪيورٽي سيڪيورٽي“ جا نعرا هنيا.

سوشل ميڊيا تي نيوزيلينڊ جي ٽيم جو مذاق پڻ اڏايو پيو وڃي. ٽوئيٽر صارف ڊيوڊ ايلس چيو ته ويلڊن پاڪستان ڪاميابيءَ سان سيڪيورٽي جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم تازو ئي پاڪستان جو دورو سڪيورٽي جي نالي تي نامڪمل ڪري ڇڏيو هو.

وڌيڪ پڙهو: